ڀائي خان

ڀائي خان: سنڌ ۾ هن نالي سان ٻه يادگار مشھور آھن ، ھڪڙو ٺٽي شھر ۾ ” ڀائي خان جو محلو “ ، جيڪو محلي اميرخانيءَ سان لاڳو ھو . ملا گدا علي ” ڀائي خان “ ، مرزا جاني بيگ ترخان جو امير ھو . ٻيو يادگار حيدرآباد شھر ۾ ” ڀائي خان جي چاڙھي “ آهي ، جنھن جي آسپاس هن جي حويلي ۽ تلوارن ٺاھڻ جو ڪارخانو هو . جيئن ته ڀائي خان لوھار ھو ، تنھنڪري حيدرآباد شھر ۾ به لوھار طور مشھور ھو ، سندس تلوارن ٺاھڻ جو ڪارخانو موجوده ” پکي پير “ واري ايراضيءَ ۾ ھوندو ھو . جتي تلوارن سان گڏ تير ، ڪهاڙيون ۽ٻيو لوهي سامان ٺهندو هو . پکي پير واري جاءِ پوءِ ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ جيل خاني طور ڪم ايندي ھئي . ميان سرفراز خان ڪلهوڙي کي به اتي قيد رکيو ويو هو ۽ کيس قرآن شريف تلاوت ڪندي تلوار جو ڌڪ هڻي انھيءَ ھنڌ شهيد ڪيو ويو هو ، جتي پکي پير واري چؤڪنڊي موجود آھي . ان ھنڌ تي جيئن ته سندس سسيءَ مان رت وھيو ھو ، ان ڪري يادگار طور ” پکي پير جو نشان “ قائم ڪيائون . تلوار جي ڌڪ سان زخمي ٿي جتي ميان سرفراز خان ڪريو ھو ، انھيءَ ھنڌ ، ( ھاڻي روڊ ) تي چن سان لتل هڪ قبر ٺھيل آھي ، انھيءَ قبر تي پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ به سندس نالي واري سر ۽ شھادت جي تاريخ لکيل ھئي ، جيڪا ھن وقت گم آھي . جڏهن ته ميان سرفراز جي قبر ۽ مقبرو ڌار موجود آهي . ميان عبدالنبي ڪلهوڙو به ڀائي خان جي نگرانيءَ ۾ قيدي ٿي رهيو هو .


لفظ ڀائي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو